صاحبزاده

صاحبزاده شاه رڪن عالم ساجن سائين

 

صاحبزاده محمد العروف مٺل سائين

 
 
 
 

 

 

 

تعارف حضرت پير دلبر سائين
image

”نحمده   ونصلي و نسلم عليٰ  رسوله الڪريم اما بعد“ ڌرتي جي پيدائش کان هيل تائين بيشمار انسان آيا ۽ پنهنجِي مختصر زندگيءَ جا مقرره ڏينهڙا گهاري هليا ويا. انهن مان وڏي اڪثريت انهن ماڻهن جي رهي آهي، جيڪي ماضيءَ جي بي رحم وادين ۾ گم ٿي ويا ۽ سندن نالو نشان به صفحه هستيءَ تان مٽجي ويو.پر الله تبارڪ وتعاليٰ ماڻهن مٿان ڪرم ڪندي ڪي اهڙيون هستيون به پيدا ڪندو آهي، جيڪي ماڻهن مٿان الله جو خاص انعام ۽ اڪرام هونديون آهن. انهن کي الله رب العزة انسانذات جي رهبري ۽ رهنمائيءَ لاءِ منتخب ڪندو آهي. اهي برگزيده هستيون غافل انسانن کي سندن تخليق جو مقصد سمجهائي، خالقِ حقيقيءَ اڳيان پيشاني جهڪائڻ جو درس ڏينديون آهن. ”الست بربڪم“ وارو عهد و پيمان ياد ڏياري ٻانهن کي پنهجي خالق و مالڪ سان لنؤُ لڳائڻ جي تلقين ڪنديون آهن. انهن جا وجود انسانذات جا محسنِ هوندا آهن. اهڙن عظيم انسانن جا سرواڻ ۽ اڳواڻ انبياءِ ڪرام هوندا آهن، پوءِ انهن جي اتباع ۾ الله جا صالحين، عابدين، عارفين ۽ علماءِ ربانيين ٻانها هوندا آهن. جيڪي انسانن کي الله جي موڪليل الهامي و آفاقي تعليمات سان روشناس ڪرائي معاشري اندر امن، سڪون، ڀائيچاري، محبت، رواداري، مساوات، صله رحمي ۽ انسان دوستيءَ جي قدرن کي فروغ ڏيندا آهن. اهي رهبرِ قوم و ملت ابن آدم کي جيئڻ جو ڍنگ ۽ طور طريقا سيکاري کين حقيقي معنيٰ ۾ اشرف المخلوقات جي مقام ۽ مرتبي تائين رسائيندا آهن.

 

سوانح پير مٺا سائين
سوانح حضرت محبوب الاهي
/
تذڪرةالخلفاءِ غفاريه
مواعظ حسنه جلد 1
تعليم و تربيت
مدني آواز
Dilbarsain

Total Reads: new upload